ملتان – 07 جنوري (اي پي پي) پر??يهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪ افغان سرحد خاردار تار لڳائڻ تي ڪيتريون ئي مشڪلاتون پيش آيون، شهادتون به ٿيون پر اها خاردار تار ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب دوران ڪيو. پر??يهي وزير چيو ته وڏي عرصي کانپوءِ افغانستان جي معاملي تي مسلمان امت کي گڏ ڪيو جنهن جو مقصد افغان عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪو به حڪومت جي خلاف تحريڪ هلائڻ چاهي ٿو شوق سان هلائي اسان کي ڪو به خطرو نه آهي. پر??يهي وزير چيو ته ملتان ۾ ترق??ات?? منصوبن کي جلد پچاڻي تائين پهچايو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته صحت ڪارڊ سان عوام کي طبي سهولتون بنا فرق جي فراهم ڪيون وينديون.
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب