اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظ?? عمران خان سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ملڪ جي باقي حصن جي ڀيٽ ۾ ضرورت جي شين جي وڌندڙ قيمتن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم هائوس جي ميڊيا آفيس پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم سان پي ٽي آءِ اڳواڻ غوث علي شاهه ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر پڻ شريڪ هو. ملاقات ۾ سنڌ جي سياسي صورتحال ۽ وفاقي حڪومت جي جاري ترقياتي منصوبن تي ڳالهه ٻو??هه ٿي. ان کانسواءِ وزيراعظم سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ملڪ جي باقي حصن جي ڀيٽ ۾ ضرورت جي شين جي وڌندڙ قيمتن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں