ڪراچي – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي معاشري ۾ خصوصي ماڻهن لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مرڪزي ڌارا تعليمي ادارن ۽ هنرمندي جي پروگرامن جي ذريعي انهن جي تعليم ۽ تربيت جو اهتمام ڪيو وڃي، سرندي وارا ماڻهو معاشري مان غربت جي خاتمي لاءِ اڳتي وڌي پنهنجو ڪردار ادا ڪن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڪراچي ۾ الشفا ٽرسٽ، اسپيشل اسڪول ۽ بحالي مرڪز جو سنگ بنياد رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن ??يو ته يونيورسٽين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ معذور ماڻهن جي جسماني پهچ کي آسان بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، هائير ايجوڪيشن ڪميشن پهرين ئي اعلان ڪري چڪو آهي ته ??خت??ف معذور ماڻ??ن کان ڪا به فيس وصول نه ڪئي ويندي، صدر خصوصي ماڻهن جي مناسبت سارسنڀال جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ سرندي وارن ماڻ??ن کي چيو ته هو معاشري مان غربت جي خاتمي لاءِ اڳتي اچن. هن ??يو ته اسان جي نبي حضرت محمد ﷺ انسان دوستي ۽ معاشرتي احيا تي زور ڏنو آهي، هن وڌيڪ چيو ته حڪومت احساس پروگرام تحت خصوصي ماڻ??ن کي ماهوار 2000 روپيا فراهم ڪيا آهن، هن ??ووڊ 19 جي دوران احساس پروگرام جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان وبا جي بحران دوران موثر طريقي سان حالتن جو مقابلو ڪيو آهي ۽ دنيا ان حوالي سان حڪومت پاران کنيل قدمن کي سارهيو آهي. پي آءِ اي جي چيف ايگزيڪيتو آفيسر ايئر مارشل ارشد ملڪ تقريب کي خطاب ڪندي صدر مملڪت ۽ بيگم ثمينه عارف علوي جو ٿورو ادا ڪيو ۽ معاشري تي زور ڏنو ته هو فنڊ ريزنگ ۾ وڌي چڙهي حصو وٺن ته جئين خصوصي مقصد جي لا3 تعاون ڪري سگهجي. هن ??يو ته الشفا پي آءِ اي جي فليگ شپ سي ايس آر جو حصو هو جيڪو 1967ع ۾ سول ايوي ايشن جي تعاون سان سوشل ويلفيئر ايجنسي جي طور تي شروع ٿيو ۽ 1981ع ۾ الشفا ٽرسٽ ۾ تبديل ٿي ويو، هن وڌيڪ چيو ته پي آءِ اي پنهنجي ڪارپوريٽ ڪردار کانسواءِ ڪارپوريٽ سماجي ذميداريون به پوريون ڪري رهي آهي. تقريب جي پڄاڻي تي الشفا ٽرسٽ جي خصوصي ٻارن هڪ خوبصورت ٽيبلو پيش ڪيو جن??ن کي صدر عارف علوي ۽ بيگم ثمينه عارف علوي گهڻو ساراهيو. تقريب ۾ غير ملڪي سفارتڪارن، صوبائي اسيمبلي ميمبرن ۽ معززين شرڪت ڪئي.
معاشري ۾ خصوصي ماڻهن لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار