برلن-08 جنوري (اي پي پي) سوئٽزرلينڊ جي صدر ڪيرن ڪيلرسوٽر اعلان ڪيو آهي ته سندس ملڪ يوڪريني بحران جي حل ۾ ٽياڪڙي طور تي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته هن يوڪريني صدر وولوديمير زيلنسڪي سان ٽيلي فونڪ رابطي دوران ڊگهي مدي تائين انساني ۽ نئين تعمير جي منصوبن ۽ ري عمل ۾ حصو وجهڻ جي خواهش ۽ سوئزرلينڊ جي جاري حما??ت جو يقين ڏياريو. ڊسمبر جي آخر ۾ سوئٽزرلينڊ جي پرڏيهي وزير نگ??ازيو ڪاسز چيو هو ته سندس ملڪ پاڻ کي يوڪريني بحران جي حل جي هڪ حصي جي طور ڏسي ٿو. ان کان اڳ سوئس پرڏيهي وزارت چيو ته ملڪ جون اختياريون يوڪر??ن ۾ جنگ بندي جي قيام تي ڳالهين جي تياري ۾ حصو وٺي رهيون آهن.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج