اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ، نجڪاري ۽ مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته ڪيترن ئي سالن کان دير جو شڪار ڪراچي کان سکر موٽر وي جي تعمير هلندڙ سال 2025ع ۾ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڪراچي سکر موٽر وي ??را??يڪٽ کي پبلڪ ??را??يويٽ پا??ٽنرشپ طور تي شروع ڪري سگهجي ٿو. اهڙو اظهار هن خاص کاتيوار اجلاس دوران ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير ٻُڌايو ته ان موٽر وي جي شروعات ڪرا??ي پورٽ کان ٿيندي ۽ ان کي سکر موٽر وي سان ڳنڍيو ويندو، اهڙيءَ طرح ڪراچي کان سکر موٽر وي کان پوءِ ملڪ ۾ نارٿ، ??ائ??ٿ موٽر وي جو نيٽ ورڪ مڪمل ٿي ويندو. وفاقي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪراچي سکر موٽروي ??را??يڪٽ کي پبلڪ ??را??يويٽ پا??ٽنرشپ طور شروع ڪري سگهجي ٿو، جيڪڏهن پبلڪ ??را??يويٽ پا??ٽنرشپ ميسر نه ٿي ته حڪومت پاڻ ان موٽر وي جو خرچ کڻندي. وفاقي وزير چيو ته ايندڙ 25 سالن ۾ اها موٽر وي حڪومت کي 3 هزار ارب رپيا منافعو ڪمائي ڏيندي. هن چيو ته ڪراچي سکر موٽر وي جو ڪم انشاءَ الله 2025ع ۾ جلد کان جلد شروع ڪري ڇڏيندي ته جيئن قومي ترقي جي ان اهم منصوبي کي گهٽ کان گهٽ وقت ۾ پڄاڻي تائين پهچائي سگهجي.
ڪراچي- سکر موٽر وي ملڪي ترقي ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندو: وفاقي وزير عبدالعليم خان
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ