باڪو – 13 – نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام (يو اين ڊي پي) جي ايڊمنسٽريٽر اچيم اسٽينر آذربائيجان جي شهر باڪو ۾ ڪوپ 29 جي موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم ۽ ي?? اين ڊي پي جي ايڊمنسٽريٽر پاڪستان ۽ ي?? اين ڊي پي جي وچ ۾ موسمياتي تبديلي جي موافقت، ٻوڏ کان متاثر ڪميونٽيز جي لاءِ امداد ۽ پائيدار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن اسرندڙ ملڪن جي رعايتي ماليات تائين پهچ ۽ هن سال 22 ?? 23 ??يپٽمبر تي نيويارڪ ۾ منعقد ”سمٽ آف دي فيوچر“ ڪانفرنس دوران ڪيل واعدن تي عملدرآمد تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات دوران نائب وزيراعظم عالمي مالياتي ادارن ?? اسرندڙ ملڪن جي نمائندگي وڌائڻ تي زور ڏنو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر