اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان جي نامياري سرجن ۽ ايس آءِ يو ٽي جي يورالوجي ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين سرجن ڊاڪٽر مر??ي ڌر چڪن گونيا جي وڌندڙ مرض کي هاڃيڪار قرار ڏيندي چيو آهي ته اهو مرض مڇرن جي چڪ وسيلي پکڙجي ٿو ۽ ان سان ڪيترائي ماڻهوءَ سنڌن جي دائمي سُور ۾ وٺجي وڃن ٿا. اي پي پي سان ڳالهائيندي ناليواري سرجن ڊاڪٽر مر??ي ڌر چيو ته چڪن گونيا جو بخار وائرس جي ڪري ٿئي ٿو ۽ اهو وائرس مڇر جي چڪ سان جسم ۾ پهچي ٿو، چڪ جي ٽن کان ستن ڏينھن تائين بخار، بدن ۾ سُور، سنڌن ۾ سور ۽ گوڏن ۽ چيلھ ۾ سور ٿئي ٿو پر ڪجھ ماڻھن کي مھيني تائين بُخار هلندو آهي ۽ هِن بُخار ۾ سنڌن جي سور جي ڪري ڪجھ ما??هن جا گوڏا بيھجي وڃن ٿا ۽ ڪجهه ما??هن کي گوڏن جو سُور دائمي رهجي وڃي ٿو. هِن چيو ته چڪن گونيا جي بُخار لاءِ پ??راسيٽامول گوري سان گڏ پاڻي جو واھپو وڌايو وڃي، بُخار وڌي وڃي ته ڊاڪٽر کي ڏيکاريو وڃي، ڊاڪٽر مُرلي چيو ته اهو هڪ وائرل بخار آھي ۽ ان ۾ اينٽي بائٽڪ جي ضرورت نه پوندي آهي، چڪن گونيا کان بچاءُ جي حوالي سان ڊاڪٽر مُر??ي ڌر چيو ته ما??هن کي مڇرن کان بچڻ گهُرجي ڇو جو هِن وقت هر مرض مڇرن جي وسيلي پکڙي رهيو آهي، ما??هن کيي صفائي جو خيال رکڻو پوندو، پاڻي جا ٿانءُ ڍڪي رکيا وڃن، ڪپڙا پورا پائڻ گهُرجن ۽ مڇرن کان بچڻ لاءِ ??سپ??ي ڪيو وڃي ۽ مهاري جو اس??عمال ڪيو وڃي.
چڪن گونيا هاڃيڪار مرض آهي، اهو مرض مڇرن جي چڪ وسيلي پکڙجي ٿو، ان مرض سان ڪيترائي ماڻهوءَ سنڌن جي دائمي سُور ۾ وٺجي وڃن ٿا: ڊاڪٽر مرلي ڌر
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا