اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلو??ست??ن جي ضلعي دڪي ۾ کاڻين جي کوٽائي ڪندڙن تي دهشتگردن جي حملي جي واقعي تي بلو??ست??ن جي گورنر جعفر خا?? مندوخيل ۽ بلو??ست??ن جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ان واقعي جي پرزور مذمت ڪندي واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم کاڻين جي کوٽائي ڪندڙن تي دهشتگردن جي حملي جي شديد مذمت ڪئي ۽ مارجي ويل پورهيتن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته هر قسم جي دهشتگردي کي پاڙ کان پٽڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، دهشتگردي کي برداشت نه ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته شهيدن جي خاندانن سا?? گڏ بيٺل آهيون، وفاقي حڪومت شهيدن جي خاندانن جي هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. وزيراعظم واقعي ۾ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي.
وزيراعظم جي بلوچستان جي گورنر ۽ وڏي وزير سان ٽليفون تي ڳالهه ٻولهه، کاڻين جي کوٽائي ڪندڙن تي دهشتگردن جي حملي جي واقعي جي رپورٽ طلب
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ