اسلام آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چناب درياءَ جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ امڪاني شديد ??وڏ ۽ پنجاب جي شهري علائقن ۾ برساتن سان ??وڏ واري صورتحال جي امڪاني خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اين ڊ?? ايم اي، پي ڊ?? ايم ايز ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي هاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته واهن، نديءَ نالن ۽ درياءَ جي ڀرپاسي امڪاني ??وڏ ريلن کي روڪڻ جي لاءِ اڳواٽ حفاظتي قدم کنيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته 25 آگسٽ تائين سانوڻي جي امڪاني شديد اسپيل جي ڊ??ش بورڊ تان پاڻ نگراني ڪري رهيو آهيان، اين ڊ?? ايم اي، پي ڊ?? ايم ايز، ريسڪيو ۽ ريليف جا ادارا، سول ڊفينس ۽ ضلعي انتظاميا چناب درياءَ جي ڪيچمنٽ ايريا ۽ برساتن سبب ??وڏ واري صورتحال جي خطري ۾ ورتل شهرن ۾ عوام جي حفاظت جي لاءِ هر وقت تيار رهن، ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ ماڻهن جي انخلا ۽ ريسڪيو، پاڻي جي نيڪالي، دوائن، خيمن ۽ ٻين امدادي شين جي پهچ جي لاءِ مڪمل تياري يقيني بڻائي وڃي. هن چيو ته برساتن ۽ ??وڏ واري صورتحال کان امڪاني طور تي متاثر ٿيندڙ علائقن ۾ شهرين کي صورتحال بابت مڪمل طور آگاهه رکيو وڃي، واهن، نديءَ نالن ۽ درياءَ جي ڀرپاسي امڪاني ??وڏ ريلن کي روڪڻ جي لاءِ اڳواٽ حفاظتي قدم کنيا وڃن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته يقيني بڻايو وڃي ته شهرين کي هر وقت صورتحال تي نظر رکڻ جي لاءِ اين ڊ?? ايم اي جي ڊ??زاسٽر الرٽ ايپلي ڪيشن بابت آگاهي پهچي.
وزيراعظم شهباز شريف پاران برساتن ۽ ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اين ڊي ايم اي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي هاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ