اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) ??در آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ دوست ملڪن سان واپاري، اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ايوان ??در جي پريس ونگ پارا?? جاري ب??ان موجب ??در اهڙن خيالن جو اظهار ويتنام، مالديپ ۽ آئرلينڊ جي سفيرن سان ڳالهائيندي ڪيو جن ايوان ??در ۾ کيس سفارتي سندون پيش ڪيون. سفيرن ??در سان جدا جدا ملاقاتون پڻ ڪيون. ??در سفيرن کي پاڪستان ۾ مقرري تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان سمورن دوست ملڪن سان ٻطرفو واپاري ماپو وڌائ?? تي ڌيان ڏئي رهيو آهي. آصف علي زرداري ان اميد جو اظهار ڪيو ته نامزد سفير پاڪستان سان گڏيل فائديمند تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. ??در چيو ته پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن، سيڙپڪارن کي زراعت، توانائي، انفراسٽرڪچر، مينوفيڪچرنگ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، کاڻين جي کوٽائي ۽ گرين ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي. ان کان اڳ سفيرن کي ايوان ??در پهچ?? تي پاڪستان جي هٿياربند فوج جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.
پاڪستان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ دوست ملڪن سان واپاري، اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات