دوشنبي – 02 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستاني وفد سان گڏ تاجڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي دوشنبي پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب دوشنبي ايئرپورٽ ت?? تاجڪ وزيراعظم قاهر رسول زاده، توانائي ۽ پاڻي وسيلن وار?? تاجڪ وزير دلير جمعه، تاجڪ پرڏيهي نائب وزير فرخ شريف زاده، دوشنبي جي ميئر جمشيد تبرزاده ۽ پاڪستان ۾ تاجڪستان ??ي سفير يوسف شريف زاده، تاجڪستان ۾ پاڪستان ??ي سفير محمد سعيد سرور ۽ اعليٰ سرڪاري ۽ سفارتي عملدارن وزيراعظم جي آجيان ڪئي.
دوشنبي ايئرپورٽ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تاجڪ هم منصب قاهر رسول زاده ملاقات ۽ ڳالهه ٻولهه ڪئي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف دوشنبي ۾ اسماعيل ??اماني جي يادگار پهتو ۽ اتي گل رکيا. اسماعيل ??اماني وچ ايشيا ج?? تاريخي شخصيت ۽ تاجڪستان جو قومي هيرو آهي جنهن نائين ۽ ڏهين صديءَ ۾ تاجڪستان ۽ خراسان جي علائقي تي ح??ومت ڪئي ۽ تاجڪ قوم ک?? تاريخي ترقي جي راهه تي گامزن ڪيو.