اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان پاڪستان بئنڪن?? محتسب سراج الدين عزيز ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بئنڪن?? محتسب صدر کي اداري جي سالياني رپورٽ پيش ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر بئنڪنگ صارفين کي 1.26 ارب رپين جو مالي ريليف فراهم ڪرڻ تي بئنڪن?? محتسب جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري چيو ته سال 2023ع ۾ بئنڪن?? محتسب جو 25 هزار کان وڌيڪ شڪايتن تي ڪارروائي ڪرڻ خوش آئنده آهي. صدر اداري جي قيام کان وٺي هيستائين شڪايت ڪندڙن کي 6.4 ارب جو مجموعي ريليف ڏيڻ تي پڻ ساراهيو. صدر بئنڪ فراڊ متاثرين کي فوري انص??ف جي فراهمي جي ضرور?? تي زور ڏيندي چيو ته بئنڪن?? محتسب ماڻهن کي بنا قيمت انص??ف جي فراهمي، گڊ گورننس جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، شڪايتن جي جلد ازالي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، بئنڪن جي بدانتظامي جي خلاف بئنڪن?? محتسب جي ڪردار ۽ خدمتن بابت آگاهي پيدا ڪرڻي پوندي، بئنڪن?? محتسب بابت آگاهي سان وڌ کان وڌ ماڻهو خدمتن مان فائدو کڻي سگهندا. ملاقات ۾ بئنڪن?? محتسب بئنڪ صارفين جي شڪايتن جي فوري ازالي جي لاءِ بئنڪن?? محتسب جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي تي روشني وڌي. هن ٻڌايو ته بئنڪن?? محتسب تازو ئي آ?? لائين پورٽل جو صارف دوست نظام متعارف ڪرايو آهي، آ?? لائين پورٽل سان شڪايت ڪندڙن کي پنهنجي شڪايتن جي داخلا ۾ آساني ٿيندي.
صدر آصف علي زرداري سان بئنڪنگ محتسب جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔