اسلام آباد– 29 – مارچ (ا?? پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي فلسطيني ڀائرن سان گڏ بيٺل ره??دو ۽ هر فورم تي انهن جي لاءِ آواز بلند ڪ??دو رهندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ فلسطين ج?? سفير احمد جواد ربيع سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. سفير صدر آصف علي زرداري کي صدر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. هن غزه جي پٽيءَ ۾ بيگناهه فلسطينين جي خلاف اسرائيلي فوج جي ظلمن ۽ دهشتگرد?? تي روشني وڌي. فلسطين?? سفير سان ڳالهائيندي صدر فلسطيني عوام جي بهادري ۽ اسرائيلي قبضي جي خلاف ڊگهي جدوجهد کي ساراهيو. صدر عالمي برادر?? تي زور ڏنو ته اها سمورين رڪاوٽن کي هٽائي ۽ غزه جي پٽيءَ ۾ فلسطيني شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائيندي غزه ۾ انساني امداد جي آزاداڻي پهچ جي لاءِ ڪوششون ڪري. هن چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام جي لاءِ خوراڪ ۽ دوائن سميت اضافي امدادي سامان موڪليندو. فلسطين?? سفير تعليم جي شعبي ۾ پاڪستان جي حمايت کي ساراهيو، 50 هزار کان وڌيڪ فلسطيني پاڪستان جي تعليمي ادارن مان مختلف شعبن ۾ گريجوئيشن ڪري چڪا آهن. هن فلسطيني صدر محمود عباس جو سلام پڻ پ??ش ڪيو ۽ فلسطيني عوام سان مسلسل حمايت ۽ يڪجهت?? تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا.
پاڪستان پنهنجي فلسطيني ڀائرن سان گڏ بيٺل رهندو: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : loteria Ceará