اسلام آباد– 26 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته خيبرپختونخواهه صوبي جي شهر بشام ويجهو دهشتگرد حملي ۾ 5 چيني شهري ۽ هڪ ??اڪ??تاني شهري مارجي ويا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري بيان ۾ چيو ته ??اڪ??تان حڪومت دهشتگردي جي ان ڪڌي فعل جي شديد مذمت ڪري ٿي، اسان دهشتگردن ۽ ان جي سهولتڪارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻنداسين. بيان ۾ چيو ??يو آهي ته اهڙي طرح جون ڪڌيون ڪارروايون دهشتگردي جي لعنت جي خلاف وڙهڻ جي ??اڪ??تاني قوم جي عزم کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. بيان موجب اڄ جي حملي جي منصوبابندي پاڪ چين دوستي جي دشمنن ڪئي، اسان اهڙي سمورين قوتن جي خلاف پوري عزم سان ڪارروائي ڪنداسين ۽ انهن کي شڪست ڏينداسين. بيان ۾ وڌيڪ چيو ??يو آهي ته ??اڪ??تان جي عوام ۽ حڪومت مشڪل جي هن گهڙي ۾ پنهنجي چيني دوستن سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي ۽ حملي ۾ مارجي ويندڙ چيني شهرين جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ڪريون ٿا. پرڏيهي آفيس پنهنجي بيان ۾ چيو ته ??اڪ??تان ۽ چين ويجها دوست ۽ مضبوط ڀاءُ آهن، ??اڪ??تان ۾ چيني شهرين جي زندگي ۽ حفاظت انتهائي اهميت رکندڙ آهي، ??اڪ??تان ۾ چيني شهر??ن، منصوبن ۽ ادارن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ??اڪ??تان پنهنجي چيني ڀائرن سان گڏ??ي ڪم ڪندو رهندو.
خيبرپختونخواهه صوبي جي شهر بشام ويجهو دهشتگرد حملي ۾ 5 چيني شهري ۽ هڪ پاڪستاني شهري مارجي ويا: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا