اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ تنزانيه 12 مارچ تي دارالسلام ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو افتتاحي اجلاس منعقد ڪندا. اها ??ال??ه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. ??ال??ين ۾ ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (آفريقا) شهريار اڪبر پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو جڏهن ته تنزانيه جي وفد جي قيادت پرڏيهي وزارت ۽ اوڀر آفريقي تعاون جي ڊائ??يڪ??ر ايشيا ??ال??اتور ايمبيليني ڪندو. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ تنزانيه جي وچ ۾ گڏيل احترام ۽ اعتماد تي ٻڌل ويجها ۽ خوشگوار ل??ڳا??ا آهن. تنزانيه آفريقي کنڊ ۾ پاڪستان جو هڪ اهم واپاري حصيدار آهي. ٻطرفي سياسي مشاورت جي شروعات ٻطرفن ل??ڳا??ن کي بهتر بڻائڻ جي اسان جي گڏيل خواهش کي نظر ۾ رکندي ٿي آهي. هن چيو ته ٻطرفي سياسي مشاورت پاڪستان ۽ تنزانيه جي وچ ۾ مشغوليت ۽ ??ال??ه ٻولهه جي لاءِ هڪ اهم اداراجاتي فريم ورڪ طور تي ڪم ڪندو. هن چيو ته ٻئي ڌريون ٻطرفن ل??ڳا??ن جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون، تعاون جون نيون راهون ڳولينديون ۽ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون.
پاڪستان ۽ تنزانيه 12 مارچ تي دارالسلام ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو افتتاحي اجلاس منعقد ڪندا
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم