اسلام آباد – 21 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي معاشي صورتحال بهتر بڻائڻ جي لاءِ روانگي واپار وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي، پاڪستان غيرملڪي ڪمپنين سان گڏيل طور تي لاڀائتي ڪاروباري حصيداري چاهي ٿو. هو ايوان صدر ۾ لوڻ ۽ معدنيات جي شعب?? جي آمريڪي ڪمپن?? جي وفد س??ن ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. وفد صدر کي لوڻ جي کاڻين، پراسيسنگ ۽ ما??ڪي??نگ ۾ ڪمپن?? جي ڪردار بابت بريفنگ ڏني. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪست??ن مختلف شعبن ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري ۽ جوائنٽ وينچرز جي فروغ جو خواهشمند آهي، پاڪستاني لوڻ جي بهتر پراسيسنگ، پئڪيجنگ ۽ ما??ڪي??نگ سان قدر ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو. پاڪستاني لوڻ اعليٰ معيار ۽ انتهائي گهٽ سيڙپڪاري سان حاصل ڪيو وڃي ٿو. حڪومت سيڙپڪارن کي سهولت پهچائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. عالمي سطح تي پاڪستاني لوڻ جي گهرج ۾ اضاف?? جي لاءِ اعليٰ معيار جي لوڻ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻو پوندو. صدر ميريڪل سالٽ ورڪس ڪمپني کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ تي ساراهيو. صدر ميريڪل سالٽ ورڪس ۽ پاڪست??ن منرل ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن جي وچ ۾ معاهدي تي صحيحن کي به خوش آئنده قرار ڏنو. وفد صدر کي پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ ۾ پاڪستان جي لوڻ جي کاڻين جي صلاحيت بابت ٻڌايو ته معياري ۽ منرل سان ڀرپور راڪ سالٽ سڄي دنيا ۾ رڳو پاڪستان ۾ هوندو آهي. پاڪستاني لوڻ گهٽ قيمت ۽ اعليٰ معيار وارو آهي. وفد ٻڌايو ته پاڪستان دنيا ۾ لوڻ جي وڏي ما??ڪي?? مان فائدو کڻي سگهي ٿو. معدنياتي شين جي لحاظ کان پاڪستاني لوڻ جو معيار سڄي دنيا ۾ سڀ کان بهترين آهي. ذميواراڻي کاڻين جي کوٽائي، بهتر پراسيسنگ ۽ ما??ڪي??نگ سان پاڪستان جي لوڻ جي قدر ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو. وفد ٻڌايو ته ميريڪل سالٽ ورڪس ڪليڪٽو پاڪستان ۾ لوڻ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪندو. ڪمپني پاڪستاني لوڻ جي اعليٰ معيار جي ٽيڪنالاج?? جي مدد سان کاڻين جي کوٽائي ۽ پراسيسنگ ڪندو. اعليٰ معيار واري ٽيڪنالاجي سان کاڻين جي کوٽائي ۽ پراسيسنگ دوران لوڻ جي ضايع ٿيڻ کي گهٽ ڪري سگهبو. ملاقات ۾ صدر ماحول دوست ۽ ذميواراڻي کاڻين جي کوٽائ?? جي فروغ تي پڻ زور ڏنو.
پاڪستان پنهنجي معاشي صورتحال بهتر بڻائڻ جي لاءِ روانگي واپار وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں