اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خصوصي سيڙپڪ??ري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) سميت سمورين لاڳاپيل ڌرين جي معاشي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ نگران حڪ??مت جي معاونت کي ساراهيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته ايندڙ چونڊيل حڪ??مت کي گهرجي ته ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ معاشي پاليسين جي تسلسل ۽ ايس آءِ ايف سي جي قائم ڪيل معاشي قدمن جي رفتار مان فائدو کڻي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ خصوصي سيڙپڪ??ري سهولت ڪائونسل جي ايپڪس ڪميٽي جو نائون اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، نگران وفاقي ڪابينا جي ميمبرن، صوبائي وڏن وزيرن ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مختلف وزارتن ملڪ ۾ سيڙپڪ??ري جي حوالي سان ج??ري منصوبن، پاليسي قدمن ۽ سيڙپڪ??ري جي فروغ جي لاءِ کنيل قدمن بابت آگاهه ڪيو. ايپڪس ڪميٽي انهن منصوبن ۽ پاليسي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي م??مو??ي حڪ??متي حڪ??ت عملي تحت مقرر ڪيل هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ مثبت ڪردار کي ساراهيو. ڪميٽي ملڪ جي معيشت جي بهتري لاءِ کنيل قدمن جو م??مو??ي طور تي جائزو ورتو ۽ انهن جي ڪاميابي کي خوش آئنده قرار ڏنو. ڪميٽي ملڪ ۾ سيڙپڪ??ري جي فروغ ۽ ان جي صلاحيت کي ڀرپور طريقي سان استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ مختلف شعبن ۾ قدمن، افرادي قوت جي ترقي، مواصلاتي بنيادي ڍانچي جي بهتري ۽ مقامي تڪرارن جي حل لاءِ موثر طريقيڪار سان هڪ پائيدار نظام ٺاهڻ کي پڻ ساراهيو. ڪميٽي دوست ملڪن سان اقتصادي لاڳاپن تي اڳڀرائي جو جائزوو ٺندي انهن پاران سيڙپڪ??ري مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ کنيل قدمن کي پڻ ساراهيو. ڪميٽي اجلاس ۾ اسٽريٽجڪ ڪنالز ويزن 2030ع ۽ ايف بي آر سڌارن جي منظوري ڏني. آرمي چيف پ??ڪ فوج پاران ملڪ ۾ معاشي استحڪام ۽ ماڻهن جي معاشي ۽ سماجي بهتري جي لاءِ حڪ??متي قدمن جي ڀرپور ساٿ جي عزم جو اظهار ڪيو. اجلاس جي پڄاڻي تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خصوصي سيڙپڪ??ري سهولت ڪائونسل، سمورين وزارتن، ادارن ۽ سمورين لاڳاپيل ڌرين جي معاشي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ نگران حڪ??مت جي معاونت ۽ مستقبل جي لاءِ هڪ عمده مثال قائم ڪرڻ ۾ ڪردار کي ساراهيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ايندڙ چونڊيل حڪ??مت کي گهرجي ته ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ معاشي پاليسين جي تسلسل ۽ خصوصي سيڙپڪ??ري سهولت ڪائونسل جي قائم ڪيل معاشي قدمن جي رفتار مان فائدو کڻي.
ايندڙ چونڊيل حڪومت کي گهرجي ته ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ معاشي پاليسين جي تسلسل ۽ ايس آءِ ايف سي جي قائم ڪيل معاشي قدمن جي رفتار مان فائدو کڻي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے