اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جي صدارت ۾ سنڌي زبان جي عظيم شاعر شيخ اي??ز جي 100 هين سالگرهه جي تقريب منعقد ڪرڻ جي لاءِ جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ثقافت ۽ قومي ورثي وارو نگران وفاقي وزير جمال شاهه، تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي پڻ شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته شيخ اي??ز جديد سنڌي شاعري جو سڀ کان وڏو شاعر ۽ اديب هو، شيخ اي??ز پنهنجي شاعري جي شروعات اردو شاعري سان ڪئي ۽ بعد ۾ سنڌي شاعري ۾ اعليٰ ترين مقام حاصل ڪيو. ثقافت ۽ قومي ورثي واري نگران وفاقي وزير جمال شاهه چيو ته شيخ اي??ز سنڌي شاعري ۽ ادب ۾ نوان رجحان متعارف ڪرايا، هو نه رڳو سنڌ پر ننڍي کنڊ جو عظيم شاعر آهي. تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو ته شيخ اي??ز جي شاعري کانسواءِ جديد سنڌ جو تصور ممڪن نه آهي، شيخ اي??ز عهد ساز شاعر هو، سندس شمار انهن لي??نڊ?? ۾ ٿئي ٿو جن جي زندگي ۾ ئي انهن جي عملي ۽ ادبي تخليق تي ڪم جي شروعات ٿي وئي هئي. اجلاس ۾ سنڌي زبان جي مشهور شاعر شيخ اي??ز جي ادبي خدمتن تي کيس خراج عق??دت پيش ڪرڻ جي لاءِ تقريب منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. تقريب ۾ بلوچستان جي گورنر عبدالولي ڪاڪڙ، سينيٽر مشاهد حسين سيد، افتخار عارف، سليمه هاشمي، سيد احمد شاهه، مونس اي??ز سميت ڪيترين ئي ناليوارين شخصيتن کي گهرايو ويندو. سنڌ جي شهر شڪارپور ۾ 1923ع ۾ پيدا ٿيندڙ شيخ اي??ز جي زندگي جي لاهن چاڙهن ۽ سندس شاعري جي سفر جي عڪاس?? ڪندي دستاويزي فلم پڻ تقريب ۾ پيش ڪئي ويندي جڏهن ته تقريب ۾ پينل مباحثو، مڪالمو ۽ موسيقي جا پروگرام پڻ شامل هوندا. اجلاس ۾ اطلاعات، قومي ورثي ۽ تعليم واري وزارتن جي اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.
نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جي صدارت ۾ سنڌي زبان جي عظيم شاعر شيخ اياز جي 100 هين سالگرهه جي تقريب منعقد ڪرڻ جي لاءِ جائزه اجلاس
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea