بي??نگ – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارا??حق ڪاڪڙ ۽ چين جي ڪميونسٽ پا??ٽي جي پولٽ بيورو جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبر ۽ سي پي سي جي ڊسپلين انسپ??ڪش?? بابت مرڪزي ڪميشن جي سيڪريٽري لي شي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپن جي فروغ، اقتصادي تعاون خاص طور تي سي پيڪ تي ڀرپور طريقي سان ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارا??حق ڪاڪڙ جي چين جي ڪميونسٽ پا??ٽي جي پولٽ بيورو جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبر ۽ سي پي سي جي ڊسيپلين انسپ??ڪش?? بابت مرڪزي ڪميشن جي سيڪريٽري لي شي سان ڪالهه اربع ڏينهن بي??نگ ۾ ملاقات ٿي. نگران وزيراعظم انوارا??حق ڪاڪڙ لي شي کي چين پاران ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي شاندار انعقاد تي مبارڪباد ڏني ۽ کيس پولٽ بيورو اسٽينڊنگ ڪميٽي جو ميمبر چونڊجڻ تي پڻ مبارڪباد ڏني. ٻنهي ا??وا??ن پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپا وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي اهم معاملن تي بنا مشروط تعاون تي اتفاق ڪيو. هن اقتصادي تعاون خاص طور تي چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي تعمير تي نئين جوش ۽ جذبي سان ڀرپور ڌيان ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ چين جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي ڪاٿي کي وڌائڻ جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. انهن شعبن ۾ انفارميشن ۽ ڪميون??ڪش?? ٽيڪنالاجي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، انفراسٽرڪچر ۽ زراعت جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي سان گڏوگڏ صنعتي تعاون ۽ خصوصي اقتصادي زونز جي تعمير شامل آهي. نگران وزيراعظم انوارا??حق ڪاڪڙ ۽ لي شي ڪرپشن جي خاتمي ۽ مالي نظم ۽ ضبط تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگران وزيراعظم لي شي کي پاڪستان حڪومت جي شفافيت ۽ حصيداري گورننس جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو ۽ چين جي ان حوالي سان تجربن مان فائدو کڻڻ دلچسپي جو اظهار ڪيو.
پاڪستان ۽ چين پاران ملڪن جي وچ ۾ سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپن جي فروغ، سي پيڪ تي ڀرپور طريقي سان ڪم ڪرڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا