اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفا??ي وزير مدد علي سنڌي ايف سڪس ٽو ۾ آءِ سي جي انتظام هيٺ اس??وڊنٽ پروجيڪٽ ايگزيبيشن بيانڊ دي ڪلاس روم جو دورو ڪيو. مدد علي سنڌي چيو ته آئون پرنسپل ۽ استادن کي مبارڪون ڏيان ٿو، مون کي انتهائي خوشي آهي ته اسان جي شاگردن جي پريڪٽيڪل ناليج تي به زور ڏنو پيو وڃي. وفا??ي وزير حصو وٺندڙ شاگردن لاءِ پنج، پنج هزار روپين جي انعام جو اعلان ڪيو. وفا??ي وزير چيو ته اسان کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته هر قسم جو دنياوي علم حاصل ڪريون، دنياوي علم هاڻي ڪلاس روم کان گهڻو اڳتي هليو ويو آهي ۽ اسان کي به هاڻي دنيا جي ڪامياب ترين قومن سان گڏجي ??لڻ گهرجي. هن چيو ته شاگرد اسان جي قوم جو مستقبل آهن کين هر قسم جون سهولتون ڏيڻ گهرجن. هن چيو ته استاد شاگردن جي پرورش ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن، اسان کي ان ذميواري جو حق هر لحاظ کان پورو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اڄ انهن شاگردن جي صلاحيت ڏسي مون کي يقين ٿي ويو آهي ته اسان جو مستقبل مضبوط هٿن ۾ آهي. وفا??ي وزير چيو ته جيڪڏهن اسان جي سمورن اسڪولن ۽ ڪاليجن جو اهڙو معيار هجي ته ڪن??ن کي به پرائيويٽ اسڪولن ۾ وڃڻ جي ضرورت نه پوندي.
تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي طرفان اسٽوڊنٽ پروجيڪٽ ايگزيبيشن بيانڊ دي ڪلاس روم جو دورو
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج