اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته جيڪڏهن عمران خان کي ”لائيسنس ٽو ڪل“ ڏنو ويو ته 22 ڪروڙ عوام کي ”لائيسنس ٽو ڪل“ ڏيڻو پوندو، ملڪ دشمني تي ڪنهن کي ريليف ڏيڻ دهشتگردي جي حوصلا افزائي ڪرڻ جي برابر آهي، عمران خان نيب جي تاريخ ۾ جسماني ريمانڊ جو پهريون جوابدار آهي جنهن جي اپيل 48 ڪلاڪن ۾ ٻڌڻي جي ??اءِ لڳائي وئي، مريض، پوليس، مسجدن، اسڪولن، اسپتالن کي ساڙڻ ۽ شهيدن ۽ غازين جي ??ادگارن جي بي حرمتي ??ي انصاف ڪي?? ڏيندو؟ عمران خان کي ريليف ملڪ سان تمام وڏي زيادتي ٿيندي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان کي 60 ارب رپين جي ڪرپشن جي ڪي?? ۾ نيب قانوني طريقي سان گرفتار ڪيو ۽ احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو جنهن تي گذريل ٽن ڏينهن دوران ملڪ جي اندر ڪجهه سئو هٿياربند جٿا ۽ دهشتگرد حساس ادارن، رياستي ملڪيتن، مسجدن، اسپتالن ۽ اسڪولن تي ??ملي آور ٿيا، پي ٽي آءِ جي ??يادت انهن هٿياربند جٿن کي تشدد تي ??تساهيو. هن چيو ته عمران خان جي دور ۾ هن ملڪ جي ??ي ڀيرا چونڊيل وزيراعظم نواز شريف، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، شاهد خاقان عباسي، راڻا ثناءُ الله، سلمان شهباز، حمزه شهباز، مفتاح اسماعيل سميت ٻين ماڻهن جي ڀينرن ۽ ڌيئرن کي گهلي جيلن ۾ وڌو ويو، انهن تي ڪوڙا ڪي?? ٺاهيا ويا، ان وقت ڪنهن نوٽيس نه ورتو. هن چيو ته عمران خان جي خلاف جڏهن عدالت مان وارنٽ جاري ٿيا ۽ پوليس ان تي ??ملدرآمد جي ??اءِ زمان پارڪ پهتي ??ه پوليس جو پيٽرول بمن سان استقبال ڪيو ويو، ان وقت به پوليس اهلڪارن جا مٿا ڦاڙيا ويا، پوليس جون گاڏيون ساڙيون ويون، لاهور شهر کي ساڙيو ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير سوال ڪيو ته رياست جي حفاظت تي مقرر سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿين ۽ غازي بڻجن ٿا، انهن جي بي توقيري تي ??نصاف ڪي?? ڏيندو؟ مريم اورنگزيب چيو ته تازي پرتشدد واقعن ۾ ڪور ڪمانڊر جي گهر کي ساڙيو ويو، ايمبولينسن مان مريضن کي ٻاهر ڪڍي ايمبولينسن کي باهه لڳائي وئي، مسجدن، اسڪولن ۽ ميٽرو اسٽيشنن کي ساڙيو ويو، جيڪڏهن ان دهشتگرد کي اڳ ۾ سزا ملي وڃي ها ته اڄ هي ملڪ نه سڙي رهيو هجي ??ا. هن چيو ته هٿياربند جٿن جي ??يادت ڪندڙ دهشتگرد آهي، هڪ ڏوهاري جي گرفتاري تي هٿياربند جٿن رستا بند ڪي??، ايمبولينسن کي ساڙيو، مسجدون ۽ اسپتالون ساڙيون، ريڊيو پاڪستان جي عمارت کي ساڙيو، راڻا ثناءُ الله جي گهر کي ساڙيو ويو، ان تي ڪنهن نوٽيس نه ورتو، ڇا اهي پاڪستان جا شهري نه آهن؟ ڇا ڪور ڪماندر هن ملڪ جو شهري نه آهي؟ ڇا پوليس اهلڪار جن جا مٿا ڦاڙيا ويا، اهي هن ملڪ جا شهري نه آهن؟ ايمبولينسون ساڙيون ويون، ڇا اهي هن ملڪ جون نه هيون؟ هن چيو ته اڄ ڀارت ۾ هن ملڪ دشمني تي ??اديانا وڄي رهيا آهن، گذريل 75 سالن ۾ جيڪو ڪم بدترين دشمن نه ڪري سگهيو اهو عمران خان ڪري ڏيکاريو آهي. هن چيو ته عمران خان نيبجو ڏوهاري آهي، ان کي القادر ٽرسٽ ڪرپشن ڪي?? ۾ گرفتار ڪيو ويو جيڪو ريمانڊ تي ??هي. هن چيو ته جڏهن عمران خان پنهنجي دور ۾ نواز شريف، ان جي ڌيءَ ۽ راڻا ثناءُ الله کي موت جي سزا جي چڪين ۾ رکيو هو، ان وقت اسان ڏوراپا ڏئي رهيا هئاسين ته غيرقانوني ڪي??ز ٺاهي ڪوڙ ڳالهايو پيو وڃي پر ان وقت ڪنهن نوٽيس نه ورتو ۽ اڄ جيڪو رياست تي ??ندوق کڻي حملي آور آهي، ان کي ريليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته عمران خان جي گرفتاري کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ قانوني قرار ڏنو هو، هن شخص کي احتساب عدالت ريمانڊ تي موڪليو، پوءِ ان کي ڇو گهرايو ويو؟ هن چيو ته ٽن ڏينهن کان ميڊيا تي هلي رهيو آهي ته ملڪ کي هڪ شخص يرغمال بڻائي رکيو آهي، جٿن کي استعمال ڪري رهيو آهي، رياست تي ??ملي آور ٿي رهيو آهي، ماڻهن جي گهرن ۽ رياستي ??دارن تي ??ملا ڪري رهيو آهي ۽ ان بابت چيو پيو وڃي ته ان کي گرفتار ڪي??ن ۽ ڇو ڪيو؟ ان جي گرفتاري تي ??ه ڳالهه ڪئي پئي وڃي پر ان 60 ارب رپين جي ڪرپشن تي ڪا ڳالهه نه پئي ڪئي وڃي ۽ نه پڇيو وڃي ٿو ته عمران خان صاحب توهان تي ڪرپشن جو الزام آهي، توهان جواب ڇو نه ٿا ڏيو؟ هن چيو ته هن ملڪ جي ??ي ڀيرا چونڊيل وزيراعظم، ان جي ڌيءَ، ڀاءُ ۽ ٻارن 40 سالن جو حساب ڏنو آهي ته عمران خان ڇو نه ٿو ڏئي سگهي؟ هن چيو ته القادر ٽرسٽ ڪرپشن ڪي?? اوپن اينڊ شٽ ڪي?? آهي، عمران خان کي ان ڪي?? ۾ نيب جي اندر جواب ڏيڻ ڏنو وڃي، ان تي ??اچ ٿي رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هٿياربند جٿن جي ذريعي ملڪ کي ساڙڻ جي ڪوشش جمهوري رويو نه آهي،جمهوري رويا مسجدن ۽ اسڪولن ناهن ساڙيندا، رياستي ??دارن تي ??ملي آوار ناهن ٿيندا. اسان ان چور، ڌاڙيل، نالائق ۽ ڪرپٽ فتني جي خلاف چار سال تائين رستن تي ??حتجاج ڪيو پر ڪڏهن قومي ملڪيتن کي نقصان نه پهچايو. هن چيو ته عمران خان کي ريليف ملڪ سان تمام وڏي زيادتي ٿيندي، اڄ هي فيصلائتي گهڙيءَ آهي، اسان کي بحيثيت قوم فيصلو ڪرڻو پوندو، اها رڳو حڪومت جي ذميواري نه آهي، هر آئيني اداري ۽ هر ان شخص ۽ منصب جي ذميواري آهي جيڪو ملڪ سان محبت ڪري ٿو. صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هٿياربند جٿن اسان جي ??اهيل موٽرويز ساڙيون، اسان جيڪي اسپتالون ٺاهيون هنن ساڙيون، سروسز اسپتال تائين کي باهه لڳائي ڇڏي، اسڪولن ۽ مسجدن کي باهه لڳائي ڇڏي. هن چيو ته عمران خان کان ان جلاءُ گهيراءُ تي پڇڻ گهرجي. هن شهيدن ۽ غازين جي بي حرمتي ڪئي آهي، پوليس اهلڪارن جا مٿا ڦاڙيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نواز شريف جي خلاف يصلا ڪندڙ اڄ پاڻ چئي رهيا آهن ته اهي فيصلا غلط ٿيا هئا، نواز شريف کي جڏهن نااهل ڪيو ويو هو ته ان وقت هو جي ??ي روڊ کان لاهور ويو هو، ان دوران ڪنهن سرڪاري ۽ عوامي ملڪيت کي نقصان نه پهتو. هڪ ٻئي سوال تي وفاقي وزير چيو ته عمران خان کي ريليف لائيسنس ٽو ڪل هوندو، اهڙي طرح جي ريليف کانپوءِ سڀني کي برابر ريليف ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته عمران خان جن کي چور چوندو هو ان جي خلاف هڪ پئسي جي ڪرپشن ثابت نه ٿي پر جڏهن ان کي جواب ڏيڻو پيو ته هن پرتشدد رستو اختيار ڪيو، پوليس وارن جا مٿا ڦاڙيا، مسجدون ٽوڙيون ۽ اسپتالون ساڙيون. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته پارليامينٽ جي بالادستي ۾ ڪي?? دخل اندازي نه ٿو ڪري سگهي، پارليامينٽ جي بالادستي ۾ دخل اندازي آئين ٽوڙڻ جي برابر آهي، جيڪڏهن پارليامينٽ جي اندر پي اي سي ۽ پارلياماني ڪميٽين جو رڪارڊ طلب ڪيو وڃي ٿو ته اهو پارليامينٽ جي ??انون تحت پيش ٿئي ٿو، پارليامينٽ جي ??انونسازي يا ڪارروائي ۾ مداخلت آئين جي بي توقيري ۽ آئين ٽوڙڻ جي برابر آهي.
جيڪڏهن عمران خان کي ”لائيسنس ٽو ڪل“ ڏنو ويو ته 22 ڪروڙ عوام کي ”لائيسنس ٽو ڪل“ ڏيڻو پوندو، ملڪ دشمني تي ڪنهن کي ريليف ڏيڻ دهشتگردي جي حوصلا افزائي ڪرڻ جي برابر آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores