اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف پاڪستان – ايران بارڊر مند – پشين ڪراسنگ پوائنٽ جي لاءِ روانو ٿي ويو. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اڄ خميس ڏينهن مند – پشين سرحد (پاڪستان – ايران سرحد) تي ا??راني صدر ابراهيم رئيسي به ايندو. و??ير??عظم محمد شهباز شريف ۽ ايراني صدر ابراهيم رئيسي ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي فروغ لاءِ بارڊر مارڪيٽ جو افتتاح ڪندا. بارڊر مارڪيٽ جي قيام سان سرحد جي ٻ??هي طرفن رهندڙ ماڻهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ اسمگلنگ کي روڪي سگهبو. ان کانسواءِ حڪومت وڌيڪ 5 بارڊر مارڪيٽس تي ڪم ڪري رهي آهي، جنهن کي جلد واپار جي لاءِ کوليو ويندو. وڌيڪ اهو ته ٻئي اڳواڻ 100 ميگاواٽ گبد- پولان بجلي جي ٽرانسميشن لائين جو افتتاح به ڪندا. گبد پولان ٽرانسميشن لائين و??ير??عظم شهباز شريف جي ذاتي دلچسپي جي ڪري رڪارڊ مُدي ۾ تع??ير ٿي. ان ٽرانسميشن لائين جي مڪمل ٿيڻ سان ايران گهٽ لاڳت بجلي جي مجموعي پيداوار 204 ميگاواٽ ٿي وئي آهي، جنهن سان و??ير??عظم شهباز شريف جو بلوچستان ۾ بنا رڪاوٽ جي بجلي فراهمي جو واعدو پورو ٿيو. دوري دوران و??ير??عظم ۽ ايراني صدر جي وچ ۾ غيررسمي ملاقات به ٿيندي.
وزيراعظم پاڪستان – ايران بارڊر مند – پشين ڪراسنگ پوائنٽ جي لاءِ روانو
مضمون کا ماخذ : پاور بال کی پیشن گوئی