اسلام آباد – 31 – مارچ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪست??ن ۽ گڏي?? عرب امارات جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان گڏي?? عرب امارات سان واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن حيات بائيو ٽيڪ جي چيئرمين ۽ گڏي?? عرب امارات جي حڪمران خاندان جي ميمبر شيخ احمد دلموڪ المڪتوم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن هڪ وفد سان گڏ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي آجيان ڪندي وز??راعظم چيو ته پاڪست??ن ۽ گڏي?? عرب امارات جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان گڏي?? عرب امارات سان واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. وز??راعظم حيات بائيو ٽيڪ پاران پاڪستان جي فارماسيوٽيڪل سيڪٽر خاص طور ??ي ويڪسين جي تياري ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جي آجيان ڪئي. هن دورو ڪندڙ وفد کي قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي ترغيب پڻ ڏني ۽ يقين ڏياريو ته غيرملڪي سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي ويندي. شيخ احمد دلموڪ المڪتوم چيو ته هو پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي وسيع موقعن کان آگاهه آهي. هن چيو ته گڏي?? عرب امارات توانائي ۽ صحت جي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وسعت ڏيڻ چاهي ٿو. هن پاڪستان ۾ گڏي?? عرب امارات جي سيڙپڪاري جي پورٽ فوليو کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. معزز مهمان وز??راعظم کي سنڌ حڪومت جي تعاون سان شروع ڪيل 1200 ميگاواٽ جي پاور پلانٽ منصوبي بابت پڻ ٻڌايو جيڪو شمسي ۽ هوا سان توانائي جو هڪ هائبرڊ پاور پلانٽ هوندو. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وز??ر محمد اسحاق ڊار، نيشنل هيلٿ سروسز وارو وفاقي وز??ر عبدالقادر پٽيل، وز??راعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل سرڪاري ادارن جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.
پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا