اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ٽيليويزن، فلم، ريڊيو ۽ اسٽيج جي ناليواري اداڪار قوي خان جي لاڏاڻي تي گهري افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪيو آهي. ??زي??اعظم ??في?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??زي??اعظم شهباز شريف مرحوم جي درجن جي بلندي جي لاءِ دعا ڪئي ۽ ان جي خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ??زي??اعظم چيو ته قوي خان جي لاڏاڻي سان پاڪستان هڪ ليجينڊ اداڪار کان محروم ٿي ويو. قوي خان هڪ اڪيڊمي جي حيثيت رکندو هو، ان جهڙو اداڪار صدين ۾ پيدا ٿيندو آهي. قوي خان ريڊيو پاڪستان پشاور کان چائلڊ اسٽار طور ڪم شروع ڪيو، جيڪو ان جي فطري ٽيلينٽ جو ثبوت آهي. هن چيو ته قوي خان ورسٽائل اداڪار هو، جنهن هر طرح جو ڪردار بهتر طور تي ادا ڪيو ۽ ان جي اداڪاري حقيقت جي ويجهو ۽ قدرتي هئي. هو پاڪستان ٽيليويزن جي ان شروعاتي اداڪارن مان هو جن پاڪستان ٽيليويزن ڊرامن جو بنياد رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ”لاکهون مين تين“ ۽ ”انڌيرا اجالا“ ۾ سندس اداڪاري عوام جي ذهنن تي اڄ به زندهه آهي. ??زي??اعظم چيو ته تمغه حسن ڪارڪردگي ۽ ستاره امتياز جي اعزاز قوي خان جي فنڪاراڻي ص??اح??تن جو رياستي سطح تي اعتراف آهي. پاڪستان ٽيليويزن ۽ فلم جا ناظرين سندس کوٽ سدائين محسوس ڪندا رهندا. ??زي??اعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.
وزيراعظم پاران قوي خان جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena