اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تع??يم، زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ وڌيڪ تعاون تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن ۾ انهن شعبن ۾ تعاون کي فرو?? ڏيڻ جي وڏي صلاحيت موجود آهي. ??هڙ?? خيالن جو اظهار هن ڪيليفورنيا جي رياستي اسيمبلي جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ڪرس هولڊن جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر وفد جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ پراڻا ۽ وسيع البنياد لاڳاپا آهن جن کي ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن 9 ??نوري 2023ع تي پنجاب ۽ ڪيليفورنيا جي وچ ۾ سسٽر اسٽيٽ ريزوليوشن تي صحيحون ڪرڻ کي ساراهيندي چيو ته پنجاب ۾ آمريڪي سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار کي راغب ڪرڻ جي وڏي صلاحيت آهي جيڪا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي وڌائڻ ۾ مدد فراهم ڪندي. هن اميد ظاهر ڪئي ته وفد جو دورو پنجاب ۽ ڪيليفورنيا جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ سان گڏوگڏ ٻين اسيمبلي ميمبرن کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي ترغيب ڏيندو. صدر ٻنهي ملڪن جي يونيورسٽين جي وچ ۾ تعاون کي وڌائڻ ۽ شاگردن جي مٽاسٽا کي فرو?? ڏيڻ جا موقعا ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. تع??يم جي شعبي ۾ تعاون جي اهميت کي اجاگر ڪندي صدر تجويز ڏني ته آمريڪي يونيورسٽيون پاڪستاني شاگردن کي لائيو ليڪچر فراهم ڪري سگهن ٿيون. هن عورتن کي سماجي ۽ معاشي طور تي بااختيار بڻ??ئڻ جي لاءِ کنيل قدمن تي پڻ روشني وڌي. هن وفد کي بيگم ثمينه علوي جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو جيڪا پاڪستان ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت شعور اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. آمريڪي وفد زراعت جي شعبي بابت ٽيڪنالاجي جي منتقلي سميت زراعت جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ سان گڏوگڏ تع??يمي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ فرو?? ڏيڻ جي لاءِ شاگردن ۽ فيڪلٽي جي مٽاسٽا جي پروگرامن تي پڻ زور ڏنو. وفد موسمياتي تبديلي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. وفد اهو به ٻڌايو ته ڪيليفورنيا ۾ پنجاب سان تع??ق رکندڙ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جو وڏو انگ موجود آهي جيڪي ان جي ٽرانسپورٽ ۽ زراعت جي شعبن ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ تعليم، زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي وڏي صلاحيت موجود آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : resultados loteria ریو ڈی جنیرو