اسلام آباد-04 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي چ??ئر??ين محمد صادق سنجراڻي چي?? آهي ته ڀارتي حڪومت والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪري والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي پائمالي جو بدترين مثال قائم ڪي?? آهي. يوم يڪجهتي ڪشمير جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ڪشمير ۾ وڌندڙ ڀارتي بربريت، ظلم وستم ۽ انساني حقن جي بدترين پائمالي ڀارت جو مڪروه چهرو سڄي دنيا ۾ ظاهر ڪري ڇڏي?? آهي، هاڻي وقت اچي چڪو ??هي ته انساني حقن جي علمبردار ملڪ، ادارا ۽ تنظيمون ڪشمير تڪرار کي گڏيل قومن جي قراردادن مطابق حل ڪرائڻ ل??ءِ قدم کڻن. هن چيو ته ڪشمير پاڪستان جي شه رگ آهي ۽ پاڪستان جي سموريون سياسي پارٽيون ان مسئلي جي پرامن حل ل??ءِ قدم کنيا آهن. ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل ل??ءِ ملڪي ۽ عالمي سطح تي گڏجي وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان جي عوام ۽ ادارا ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد ۾ معصوم هٿين خالي ڪشميرين جي ڀرپور حمايت ڪندا رهندا. يوم يڪجهتي ڪشمير جي حوالي سان پهنجي پيغام ۾ سينيٽ جي ڊپٽي چ??ئر??ين مرزا محمد آفريدي چيو ته 5 فيبروري جو ڏينهن ڪشميرين طرفان آزادي حاصل ڪرڻ ڏنل قربانين ل??ءِ يڪجهتي جي اظهار جو ڏينهن آهي جنهن کي سڄي ملڪ ۾ رهندڙ سمورا پاڪستاني ۽ ڪشميري ڀرپور جذبي سان ملهائيندا آهن.
ڀارت والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪري انساني حقن جي پائمالي جو بدترين مثال قائم ڪيو آهي: سينيٽ چيئرمين
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن مفت