اسلام آباد– 26 – جنوري (اي پي پي) پاڪست??ن چيو آهي ته هو ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن ج?? مسلسل ۽ سنگين خلاف ورزين تي آواز اٿاريندو رهندو ۽ هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي بنا فرق جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته 1990ع جي ڏهاڪي جي آخري 10 ڏينهن ۾ ڀارتي قابض فوج ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قتلام جي ٽن وڏن واقعن ۾ ملوث رهيو. هن چيو ته 21 جنوري 1990ع تي سرينگر جي علائقي گائوڪدل ۾ ڀارتي فوجين پرامن مظاهرين تي ??ائ??نگ ڪري 50 شهرين کي شهيد ۽ درجنين کي زخمي ڪري ڇڏيو، 25 جنوري 1990ع تي هندواڙه جي قبضي ۾ ڀارتي فوجين وڌيڪ 21 معصوم ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته 27 جنوري 1994ع تي ڀارتي فوجين ڪپواڙه قصبي ۾ 27 شهرين جو قتل عام ڪيو ويو. ترجم??ن چيو ته متاثرين ۽ ان جا گهر وارا اڄ تائين انصاف جا منتظر آهن، ان ڪڌي ڏوهه ۾ شامل ماڻهن جو ڪڏهن به احتساب نه ڪيو ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجم??ن چيو ته اڄ اسان شهيدن کي ياد ڪريون ٿا ۽ انهن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. ترجم??ن چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي ڪائونسل آف منسٽرز جي 26 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ 23 ۽ 24 جنوري تي تاشقند جو دورو ڪيو. هن اي سي او جي وزارتي ڪائونسل کي پنهنجي خطاب ۾ واپار، سيڙپڪاري، رابطن، سياحت ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ ميمبر ملڪن جي وچ ۾ مضبوط علائقائي تعاون جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ کانسواءِ علائقائي تعاون تنظيم کي وڌائڻ جي لاءِ واپاري پاليسين کي هم آهنگ ڪرڻ، مضبوط انفراسٽرڪچر جي قيام، شين ۽ خدمتن جي آزاداڻي چرپر کي آسان بڻائڻ تي زور ڏنو. ترجم??ن چيو ته پرڏيهي وزير موسمياتي تبديلين جي ڪري پيدا ٿيندڙ قدرتي آفتن جي چئلينجن بابت پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ممتاز زهره بلوچ چيو ته وزارتي اجلاس جو هڪ اهم نتيجو باڪو آذربائيجان ۾ اي سي او ريسرچ سينٽر جي چارٽر تي معاهدو هو، اهو مرڪز اي سي او جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ اقتصاد?? مسئلن تي مهارت ۽ تحقيق تي حصيداري کي فروغ ڏيندو. هن چيو ته وزارتي ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ايران، تاجڪستان، ترڪيه جي پرڏيهي وزيرن ۽ ازبڪس??ان جي وقتي پرڏيهي وزير سان ملاقاتون ڪيون. ترجم??ن چيو ته پاڪس??ان اي سي او تنظيم جي باني ميمبر طور اقتصادي تعاون تنظيم کي مضبوط ڏسڻ چاهي ٿو ته جيئن علائقائي تعاون کي وڌيڪ موثر بڻائڻ سان گڏوگڏ علائقائي واپار تي خص??صي ڌيان ڏئي سگهجي. ترجم??ن چيو ته گڏيل عرب امارات جو صدر شيخ محمد بن زيد النهيان گذريل ڏينهن پاڪس??ان جي نجي دوري تي رحيم يار خان پهتو، جنهن جو ايئرپورٽ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف استقبال ڪيو. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو. هن چيو ته روس جي افغانس??ان بابت خص??صي نمائندي سفير ضمير ڪابلوف خطي جي پنهنجي دوري جي هڪ حصي طور هلندڙ هفتي پاڪس??ان جو دورو ڪيو. هن پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ افغانس??ان بابت خص??صي نمائندي سفير محمد صادق سان ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن ۾ افغانس??ان جي صورتحال ۽ خطي جي تازي اڳڀرائي تي ڏي وٺ ڪئي. ترجم??ن چيو ته پاڪس??ان پنهنجي پاڙي ۾ امن ۽ استحڪام جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته اسان علائقائي ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پنهنجي خواهشن کي ورجايو ته جيئن دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ ۽ افغانس??ان ۾ انساني بحران کي روڪڻ ۾ مدد لاءِ عبوري افغان حڪومت سان مسلسل ۽ عملي ڳالهه ٻولهه کي اڳتي وڌايو وڃي. هن چيو ته ٻنهي پاران افغانس??ان ۾ امن، استحڪام ۽ اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هم آهنگي ۽ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو. ٻطرفن ۽ علائقائي فورمز سميت ماسڪو فارميٽ ۽ افغانس??ان جي پاڙيسري ملڪن جي پليٽ فارم جي ڏس ۾ ڳالهه ٻولهه جاري رکڻ تي به اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجم??ن چيو ته پاڪس??ان سوئيدن ۽ هالينڊ ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي تازين ڪاررواين جي شديد مذمت ڪندي چيو ته ان قابل مذمت ۽ افسوسناڪ واقعن سان سڄي دنيا جي ڏيڍ ارب کان وڌيڪ مسلمانن جا مذهبي جذبا مجروح ٿيا آهن. اسان قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي انهن واقعن کي نسل پرستي، زينو فوبڪ ۽ اسلامو فوبيا جي طور تي ڏسي ٿو. ترجم??ن چيو ته ان قابل مذمت ۽ افسوسناڪ واقعن سان سڄي دنيا جي ڏيڍ ارب مسلمانن جا مذهبي جذبا مجروح ٿيا آهن. هن چيو ته انهن واقعن جو واحد مقصد مسلمان اقليتن جي خلاف تشدد کي هوا ڏيڻ آهي. پاڪس??ان سوئيڊن ۽ هالينڊ کي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي حڪومتن تي زور ڏنو آهي ته اهي اسلامو فوبيا جي ڪاررواين خلاف ٺوس قدم کڻن. ترجم??ن چيو ته پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر 30 جنوري تي جنيوا ۾ گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندي. هن چيو ته مملڪتي وزير انساني حقن واري ڪائونسل ۾ يونيورسل پيرياڊڪ ريويو جي عمل تحت پاڪس??ان جي قومي ترقي جي رپورٽ پيش ڪندي. اهو پاڪس??ان جو چوٿون جائزو هوندو، ان کان اڳ 2008ع، 2012ع ۽ 2017ع ۾ ان عمل تحت پاڪس??ان جو جائزو ورتو ويو آهي. ترجم??ن چيو ته مملڪتي وزير پنهنجي پريزينٽيشن ۾ پاڪس??ان پاران گذريل 5 سالن ۾ انساني حقن جي تحفظ لاءِ ڪيل قانوني، پاليسي، انتظامي ۽ اداراجاتي قدمن جو خاڪو پيش ڪندي. ان کانسواءِ هوءَ عالمي انساني حقن جي حوالي سان پاڪس??ان جي اهم حصيداري کي به اجاگر ڪندي.
پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي مسلسل ۽ سنگين خلاف ورزين تي آواز اٿاريندو رهندو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج