اسلام آباد -23 نومبر (اي پي پي) پاڪس??ان ۾ آمريڪا جي سفير ڊونلڊ بلوم چيو آهي ته پاڪس??ان ۾ ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن جو ازالو مڪمل طور تي نه ٿي سگهيو، هر ملڪ موسمياتي تبديلي جي خطرن جي ور چڙهيل آهي اهو ئي سبب آهي ته اسان هڪ سبز اتحاد جي قيام جي ذريعي پاڪس??ان ۾ موسيماتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت ۾ اضاف?? تي ڪم ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوئيٽا جي د??ري دوران هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. آمريڪي سفير ان موقع?? تي بلوچس??ان جي وڏي و??ير عبدالقدوس بزنجو سان پڻ ملاقات ڪئي. آمريڪي سفير صوبي ۾ موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪم ۾ مصروف مقامي حصيدارن، اعليٰ تعليمي ادارن جي نمائندن، مقامي غير سرڪاري تنظيمن جي اڳواڻن ۽ افغان پناهگيرن سان پڻ مليو. پنهنجي د??ري جي موقع?? تي هن پاڪس??ان ۾ موسيماتي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ مختلف شراڪتدارن تي مشتمل هڪ سبز اتحاد جي قيام تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقع?? تي هن اعليٰ تعليم ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي ذريعي معاشي ترقي جي فروغ لاءِ آمريڪا ۽ پاڪس??ان وچ ۾ مضبوط تعاون جي اهيمت کي پڻ اجاگر ڪيو. اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني مان جاري هڪ پريس رليز موجب ڪوئيٽا ۾ سفير بلوم عوامي وڻڪاري مهم ۾ شرڪت ڪندي هڪ ٻوٽو پڻ لڳايو. واضح رهي ته هي سرگرمي مستقبل ۾ شهرن ۾ وڻ پوکڻ جي هڪ منصوبي جي ڪڙي آهي ۽ نوجوان ڪارڪنن جي سربراهي ۾ شروع ڪيل هن منصوبي جو مقصد موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ، موسمياتي خطرن جي باري ۾ آگاهي ۽ موسمياتي تبديلين خلاف معاشي لچڪ کي سگهه ڏيڻ ۽ هڪ اهڙو پليٽ فارم مهيا ڪرڻ آهي جتي وسيع معاشرتي ڀلائي لاءِ مختلف گروهن کي ويجهو آڻي سگهجي. تقريب کي خطاب ڪندي سفير بلوم چيو ته آمريڪي حڪومت بلوچس??ان سميت سڄي پاڪس??ان ۾ هلندڙ سال ٻوڏ سبب متاثر ٿيل ضرورتمند ماڻهن ۽ آبادين ۾ 9 ڪروڙ 70 لک ڊالر کان وڌيڪ ماليت جي امداد فراهم ڪئي آهي.
پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن جو ازالو اڃان به مڪمل طور تي ناهي ٿي سگهيو: ڊونلڊ بلوم
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو