نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ ڊينمارڪ جي پرڏيهي وزير جي پي ڪوفوڊ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي پرڏيهي وز??رن ڊينمارڪ ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ??نهن ۾ گذريل ڏهاڪن دوران مسلسل اضافو ٿيو آهي. ٻنهي پرڏيهي وز??رن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ويجهو تعاون جاري رکڻ جي خواهش جو اظ??ار ڪيو. پاڪستان ڊينمارڪ کي هڪ اهم ٻطرفي پارٽنر سان گڏوگڏ يورپي يونين جي هڪ اهم ميمبر طور اهميت ڏي ٿو. پرڏيهي وزير ڊينمارڪ سان پاڪستان جي سياسي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ، اقتصادي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ۽ تعليمي تعاون کي وڌائڻ جي عزم جو اظ??ار ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته ڊينمارڪ پاڪستان کي اقتصادي طور ت?? خاص طور ت?? قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ شامل ڪرڻ ۽ ڊينمارڪ جون ڪمپنيون پاڪستان ۾ قابل تجديد توانائي جي مارڪيٽ ۾ داخل ٿيڻ جي خواهش رکن ٿيون. پرڏيهي وزير زور ڏنو ته عالمي برادري کي افغانستان کي نه وسارڻ گهرجي ۽ افغانستان کي درپيش سنگين انساني صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏ هجڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان افغانستان جي عوام لاءِ انساني امداد جي فراهمي جاري رکي آهي. پرڏيهي وزير والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين طرف به ڌيان ڇڪرايو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ جي ڏس ۾ ڊينمارڪ جي امداد کي به ساراهيو.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ڊينمارڪ جي پرڏيهي وزير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو