اسلام آباد-19 سيپٽمبر (اي پي پي)ماحولياتي تبديلي بابت وفاقي وزير شيري رحمان ڪلائميٽ ويڪ نيويارڪ س??ي 2022ع ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا رواني ٿي وئي. هوءَ ڪلائميٽ ويڪ نيويارڪ س??ي سي ڊبليو اين واءِ سي 2022ع ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي. موسمياتي تبديليءَ واري وزارت مطابق شيري رحمان ڪلائميٽ ويڪ ۾ پاڪستان کي درپيش ماحولياتي تبديلي جي اثرن ۽ ٻوڏ جي تباهڪارين جي حوالي سان سڄي دنيا کي آگاهه ڪندي. شيري رحمان مخ??لف ملڪن ۽ شراڪتدارن سان پري ڪاپ 27 م??اقاتون پڻ ڪندي. وفاقي وزير وزيراعظم جي قيادت ۾ پاڪستان جي وفد سان گڏ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ به شرڪت ڪئي. شيري رحمان يو اين جي اي اجلاس ۾ شرڪت سان مخ??لف ملڪن جي وزيرن، نمائندن ۽ عالمي ادارن جي سربراهن سان ٻه طرفيون ملاقاتون پڻ ڪندي.
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ