اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ت?? 75 هون آزادي جو ڏهاڙو پوري پاڪستاني قوم جي لاءِ هڪ تاريخي ڏينهن آهي، اڄ جي ڏينهن پوري قوم، ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي پاڪستان قائم ڪرڻ جي لاءِ بي مثال جدوجهد تي خراج تحسين ۽ لازوال قرباني ت?? نظرانه عقيدت پيش ڪري ٿي، قيام پاڪستان ??اباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي مقصد جي لاءِ لڳاءُ، عزم، اڻٿڪ محنت ۽ جدوجهد جي ڪري ممڪن ٿيو، 1930ع ۾ پاڪستان ??و تصور پيش ٿيڻ کانپوءِ رڳو 17 سالن جي گهٽ مدي ۾ پاڪستان ??نيا جي نقشي ت?? سڀ کان وڏي اسلامي مملڪت طور وجود ۾ آيو، پاڪستان ??و قيام ڪنهن معجزي کان گهٽ نه هو جنهن دوست ۽ دشمن سڀني کي نه رڳو حيرت ۾ وجهي ڇڏيو پر سمورين قياس آرائين ۽ اڳڪٿين جي ابتڙ دنيا ۾ پنهنجي انفرادي حيثيت کي قائم رکيو. پاڪستان ??ي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي ت?? قوم جي نالي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته جتي 75 هون آزادي جو ڏهاڙو تمام گهڻي خوشي ۽ جشن جو سبب آهي، اتي اهو گڏيل ۽ انفرادي طور تي خوداحتسابي جو به هڪ موقعو آهي. وزيراعظم چيو ته بطور قوم اس??ن ساڍا ست ڏهاڪن ۾ ڪاميابين جا ڪيترائي سنگ ميل عبور ڪي?? آهن، اس??ن جي سلامتي ت?? ٻاهرئين حملن جي منهن ٽوڙ جواب کان وٺي هڪ متفقه قومي آئين جي قيام، دنيا جي ستين نيوڪليئر طاقت ۽ دهشتگردي سان مقابلو ڪري گڏيل طور تي ان کي شڪست ڏيڻ تائين اس??ن پنهنجي مسلسل جدوجهد سان هن ملڪ جي نه رڳو حفاظت ڪندا آي?? آهيون پر ڏينهن رات ان ??ي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي?? آهيون. هن چيو ته شروع ڏينهن کان هن ملڪ کي مصيبتون درپيش رهيون پر اس??ن جي بهادر قوم جي جذبي جي اڳيان ??مورين مصيبتن گوڏا کوڙي ڇڏيا پر اها به مڃيل حقيقت آهي ت?? سماجي ۽ معاشي برابري، قانون جي حڪمراني ۽ برابري ت?? ٻڌل جنهن ملڪ جو خواب اس??ن جي ابن ڏاڏن ڏٺو هو اس??ن ان کي اڃا تائين پوري طرح تعبير ناهيون ڪري سگهيا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اس??ن اڄ هڪ آزاد ملڪ ۾ ساهه کڻي رهي?? آهيون جنهن جي لاءِ اس??ن خدا تعاليٰ جو جيترو به شڪر ادا ڪريون گهٽ آهي، پر حقيقي آزادي ضرورتن، بک ۽ پسماندگي سان کان ??زادي جو نالو آهي، جيستائين اس??ن معاشي طور تي هڪ خودمختيار رياست نه ٿا بڻجون تيستائين مڪمل آزادي جو اهو خواب حقيقت بڻجڻ کان محروم رهندو. هن چيو ته ڪنهن به قوم جي لاءِ اندروني خلفشار، گڏيل ورڇ ۽ انتشار کان وڌيڪ ڪا شيءَ خطرناڪ نه ٿي ٿي سگهي، ڇو ??ه اهڙا منفي اثر نه رڳو ملي وحدت ۽ قومي سلامتي کي نقصان پهچائين ٿا پر معاشري کي ان ??ي مقصد کان محروم ڪري ڇڏين ٿا، قائداعظم کي انهن عملن جي چڱي ريت ڄاڻ هئي، انهي لاءِ هن اس??ن کي انهن جي خاتمي لاءِ ايمان، اتحاد ۽ نظم ۽ ضبط جو سبق پڙهايو. وزيراعظم چيو ته اس??ن جي ملڪ جي سڀ کان وڏي طاقت اس??ن جا ماڻهو، خاص طور تي باصلاحيت نوجوان ??هن، انهن جي لڳاءُ، همت ۽ تعميري ت??انائين سان ڀرپور جذبو ڪنهن به قسم جي مشڪل کي عبور ڪري اميد پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، اس??ن گڏيل ورڇ جي شرپسند طاغوتي قوتن کي گڏيل وحدت ۽ گڏيل اتفاق سان ڪچلي پنهنجي آزادي، خودمختياري ۽ قومي سڃاڻپ جي حفاظت ڪندا رهنداسين، مون کي پنهنجي قوم ۽ ان ??ي غيور نوجوانن جي صلاحيتن تي پورو اعتماد آهي ت?? اهي يقينن اس??ن جي ملڪ جي ٻيڙيءَ کي ان وقتي منجهدار مان ??مام جلد ڪڍندا. وزيراعظم چيو ته 75 هون جشن آزادي ملهائڻ وقت اس??ن کي پاڪستان ??ي معمارن جي نظرين مان ??هنمائي وٺندي نئين سر قومي تعمير جي لاءِ ماڻهن جي ڀلائي کي پنهنجي اولين ترجيح بڻائڻو پوندو، اچو گڏجي وچن ڪريون ته اس??ن پاڪستان کي پنهنجي ابن ڏاڏن جي نظرين جي عين موجب هڪ فلاحي رياست بڻائينداسين. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته 75 هين جشن آزادي جي تاريخي ڏينهن جي موقعي ت?? آئون پوري قوم ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، پاڪستان پائنده آباد.
75 هون آزادي جو ڏهاڙو پوري پاڪستاني قوم جي لاءِ هڪ تاريخي ڏينهن آهي: وزيراعظم شهباز شريف جو پاڪستان جي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پيغام
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت