اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ يورپي ڪميشن جي نائب صدر ۽ يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سلامتي پاليس?? جي اعليٰ نمائندي جو??ف بوريل جي وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب يورپي ڪميشن جي نائب صدر ۽ پرڏيهي وزير يوڪرين جي موجوده صورتحال ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبل?? جي هنگامي اجلاس جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير ياد ڪرائيندي چيو ته وزيراعظم عمران خان روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ تازي صورتحال تي افسوس جو اظهار ڪيو هو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته سفارتڪاري سان ئي فوجي تڪرار کي ??تم ڪري سگهجي ٿو. اسرندڙ ملڪن تي تڪرارن جي منفي اثرن کي ??جاگر ڪندي وزيراعظم عمران خان سفارتي حل جي اهميت تي زور ڏيندو رهيو آهي. پرڏيهي وزير تازن واقعن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي کي پاڪستان جي اصولي موقف کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪار?? جي ذريعي تڪرارن جي پرامن حل تي يقين رکي ٿو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان مسلسل ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، پائيدار ڳالهين ۽ مسلسل سفارتڪار?? جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. پرڏيهي وزير لاڳاپيل گهڻ رخي معاهدن، عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن موجب معامل?? جي حل جي اهميت تي زور ڏنو. جو??ف بوريل صورتحال تي پنهنجو موقف پيش ڪيو ۽ عالمي امن ۽ سلامتي سان گڏوگڏ عالمي معيشت تي ان جي اثرن کي ??جاگر ڪيو. هن سفارتي حل ڳولڻ جي لاءِ مسلسل ڪوششن جي اهميت کي ??سليم ڪيو. پرڏيهي وزير ۽ يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي بوريل ٻطرفا رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ يورپي ڪميشن جي نائب صدر جوزف بوريل ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II