اسلام آباد – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪي معيشت ترقي جي راهه تي گامزن آهي، حقيقتون هي آهن ته مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ غير ملڪي مٽاسٽا جو ناڻو 12.5 سيڪڙو اضا??ي سان 8 ارب ڊالر، روانگ?? واپار 38 سيڪڙو جي اضا??ي سان 7 ارب ڊالرز آهي، 30 سالن کانپوءِ ڪنهن وزيراعظم زراعت تي ڌيان ڏنو آهي جنهن سان ??اڪستان ??وڊ سيڪيورٽي ۾ سرپلس ٿيڻ وڃي رهيو آهي.
پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ايف بي آر پهرين ٽه ماهي ۾ 38 سيڪڙو اضا??ي سان 1395 ارب جون ٽيڪس وصوليون ڪيون، هن چيو ته ٽيڪسٽائيل روانگ?? واپار 28 سيڪڙو اضا??ي سان 4.437 ارب ڊالر آهي، آءِ ٽي جي روانگ?? واپار ۾42.7 سيڪڙو اضا??ي سان 635 ملين ڊالر جو اضافو ٿيو آهي جڏهن ته لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ ۾ جولاءِ آگسٽ جي پهرين ٻن مهينن ۾ 7.5 سيڪڙو اضافو ٿيو، هن چيو ته خريف جي فصلن ۾ شروعاتي اطلاعن موجب ڪمند جي پيداوار ۾ 25 سيڪڙو اضافو، مڪئي 18 سيڪڙو اضافو، ڪپهه 60 سيڪڙو، چانور 18 سيڪڙو اضافو متوقع آهي، انشاءُ الله ڪڻڪ جي آئينده پيداوار ۾ به رڪارڊ اضافو ٿيندو.