اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) ملڪ ۾ امن اما?? جي صورتحال ۽ نيشنل ايڪشن پلان 2014ع تي عملدرآمد جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ وزيراعظم عمران خا?? جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ گهرو وزير شيخ رشيد، اطلاعات واري وزير چوڌري فواد ??سي??، قانون واري وزير ڊاڪٽر فروغ نسيم، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جا??يد باجوه، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد، ڊي جي ايم او ميجر جنرل نعمان ذڪريا، ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار ۽ سينئر سول ۽ ملٽري آفيسرن شرڪت ڪئي. ملڪ ۾ امان اما?? جي صورتحال جو جائزو وٺندي خاص طور تي پنجاب ۽ بلوچستا?? جي سرحدي علا??قن ۾ سروي آف پاڪستان 2021ع کي استعمال ۾ آڻيندي سرحدي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ بين الصوبائي سرحدي ڪميٽي قائم ڪر?? جو فيصلو ڪيو ويو ان کانسواءِ علائقي ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ علائقي جي سول ۽ پوليس انتظاميه کي به وڌيڪ مضبوط بڻائ?? جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ڊيره غازي خان ۽ راجن پور جي گهٽ ترقي يافته علا??قن خاص طور تي انفرااسٽرڪچر ڊولپمينٽ، پاڻي جي فراهمي، صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ صوبي جي ٻين حص?? جي برابر آڻڻ لاءِ پنج سالا جامع سماجي ۽ اقتصادي ترقياتي منصوبي جي به اصولي منظوري ڏني. نيشنل ايڪشن پلان 2014ع تي عملدرآمد جي صورتحال جو جائزو وٺندي اجلاس هيستائي?? جي ڪاميابين تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ پلان کي وڌيڪ موثر بڻائڻ ۽ موجوده دور جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ خاص طور تي جاسوسي، تخريبڪاري ۽ سائبر سيڪيورٽي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اپ ڊيٽ ڪر?? جو فيصلو ڪيو. وزيراعظم اندروني ۽ ٻاهرين ٻنهي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ هٿياربند فوج، پوليس، انٽيليجنس ايجنسين، سول آرمڊ فورسز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادار?? جي مسلسل ڪوششن ۽ قربانين کي ساراهيو.
وزيراعظم جي صدارت ۾ ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹرائزڈ لاٹری