اسلام آباد-16 فيبروري (اي پي پي) گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته نظام کي نقصان پهچائڻ جي خواهش رکندڙن کي شڪست ٿي آهي، ??ون??ي خوشي آهي ته مولانا فضل الرحمان سميت اسيمبلين جي لعنت وجهندڙ اڄ انهن ئي اسيمبلين کان ووٽ گُهري رهيا آهن، نواز شريف جي پاسپورٽ جو مُدو اڱاري جي رات 12 وڳي ختم ٿي ويندو، جيڪڏهن هو درخواست ڏيندو ته پاڪستان وا??سيءَ لاءِ 72 ڪلاڪن ۾ کيس ايمرجنسي ٽريلونگ ڊاڪيومينٽس جاري ڪنداسين. نواز شريف ۽ مريم نواز اي سي ايل تي آهن، ان لاءِ سندن پاسپورٽ جي تجديد نٿي ڪري سگهجي. سينيٽ اليڪشن ۾ ڪو سرپرائيز نه ٿيندو، عمران خان سرخرو ٿيندو، سينيٽ جي چونڊن کانپوءِ سي??سي سڪون ۽ بهتري ٿيندي، اپوزيشن رمضان جو احترام ڪري ۽ لانگ مارچ رمضان کانپوءِ ڪري. گهرو وزا??ت ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو ته ويزا سيڪشن مان 50 آفيسرن کي وا??س آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪو پنهنجي چارج نه ڇڏيندو ان کي فارغ ڪيو ويندو، 10 سالن جي پاسپورٽ جي فيس 4500 رپيا هوندي، 2 لک ماڻهن کي اِي ويزا ڏني ويندي، 4 هفتن ۾ ويزا جاري ڪئي ويندي، ايجنسيز کي 4 هفتن ۾ رپورٽ ڪليئر ڪري ڏيڻي پوندي. هن چيو ته ن??از شريف جي پاسپورٽ جو وڏو گوڙ آهي، سندس پاسپورٽ جو مُدو اڱاري واري رات جو 12 وڳي ختم ٿي ويندو. 20 آگسٽ 2018ع کان نواز شريف ۽ مريم نواز اي سي ايل تي آهن، نيب جي هدايتن تي سندن نالو اِي سي ايل ۾ وڌو ويو آهي، ڪابينه پڻ مريم نواز جو نالو اي سي ايل ۾ وِجهڻ جي منظوري ڏني، جنهن شخص جو نالو اي سي ايل ۾ هجي ان کي پاسپورٽ جاري نٿو ڪري سگهجي، نواز شريف جيڪڏهن وطن وا??س اچڻ چاهي ته 72 ڪلاڪن ۾ کيس سندس درخواست تي پاڪستان اچڻ لاءِ ”اي ٽي ڊي“ جاري ڪري سگهجي ٿو پر هو پاڪستان اچڻ ۾ دلچسپي نٿو رکي ۽ سندس اعلان رڳو سي??سي آهن، کيس ٻاهر وڃڻ جي جيڪا اجازت ملي هئي تنهن جو هن غلط استعمال ڪيو هاڻي عدالت به کيس وطن وا??س اچڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته ن??از شريف کي وطن وا??س اچڻ کان نه پيو روڪيو وڃي هو وا??س اچڻ چاهي ته هاڻي درخواست ڏئي، کيس تفريحي دستاويز جاري ڪري ڇڏينداسين. گهرو وزير چيو ته ??ون??ي خوشي آهي ته مولانا فضل الرحمان سميت جيڪي اسيمبلين تي لعنت اُماڻيندا هئا اڄ انهن ئي اسيمبلين کان ووٽ گُهرندا پيا وتن، نظام کي ڊانواڊول ڪرڻ جي خواهش رکندڙن کي شڪست ٿي آهي.
سينيٽ چونڊن ۾ عمران خان سرخرو ٿيندو: شيخ رشيد احمد جي پريس ڪانفرنس
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی