اسلام آباد – 28 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت ڪنهن تي به ڪيس ناهن ٺاهيا، حڪومت پهرين کان موجود ڪيسز تي ڪم ڪري رهي آهي، اسان ته صرف چورن ??ي سزا ڏيڻ جي ڳالهه ڪريون ٿا، اليڪشن ڪميشن ??ي سنڌ اسيمبلي ۾ تيمور ??الپور جي بيان جو نوٽيس وٺڻ گه??جي جنهن ۾ هن سينيٽ چونڊن ۾ ووٽ خريد ڪرڻ جو اعتراف ڪيو، اهو اهم انڪشاف آهي، ??وم?? ادارن ۾ سياسي ڀرتين سان ٻيڙو غرق ٿيو آهي پر ملازم چاهي ڪهڙي به طريقي سان ڀرتي ٿيا هجن حڪومت انهن کي نه پئي ڪڍي، ادارن ۾ سڌارا ضروري آهن، اهي قرضن سان ناهن هلندا، پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا س??ن ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري کي تمام گهڻي ڪاوڙ آهي پر ايڊن هائوسنگ سوسائيٽي جو ڪيس اسان فائيل ناهي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔