اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل ظفر محمود عباسي اتر بحيره عرب ۾ پاڪ بحريه جي جنگي يونٽن جي آپريشنل صلاحيتن جو شاندار مظاه??و ڏٺو. پڌرائي موجب پاڪ بحريه جي قيادت سنڀالڻ کانپوءِ اهو نيول چيف جو کليل سمنڊ ۾ مقرر نيول فليٽ يونٽن جو پهريون دورو هو. ڪمانڊر پاڪستان فليٽ ريئر ايڊمرل محمد امجد ??ان نيازي پ?? ان موقعي تي نيول چيف سان گڏ هو. حربي صلاحيتن جي ان شاندار مظاهري ۾ پاڪ بحريه جي ڪيترن ئي سامونڊي ۽ فضائي يونٽن حصو ورتو.
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز