برسلز-29 آڪٽوبر (اي پي پي) يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سيڪيورٽي پاليسي بابت نمائندي جوزف بوريل چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته اس??ن پنهنجي انسانيت وڃائي ويٺا آهيون. عرب نيوز موجب هن چيو ته اس??ن هڪ وڏي باهه جي ڪناري تي زندگي گذاري رهيا آهيون، جيستائين غزه ۽ لبنان ۾ جنگ جاري رهندي اس??ن هڪ چڻنگ جي ڪناري تي ئي رهنداسين، جيڪا هڪ وڏي باهه جو سبب بڻجندي. هن چيو ته جيئن ته گڏيل قومن پاران نشاندهي ڪئي وئي آهي ته ٻئي عالمي جنگ کانپوءِ شديد ۽ سنگين ترين انساني بحران غزه ۾ آيو آهي. وچ اوڀر ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته اس??ن انسانيت وڃائي ويٺا آهيون. يورپي يونين جي نمائندي نوٽ ڪيو ته هر ڪنهن کي اهو خدشو آهي ته اس??ائيل ايران جي ايٽمي يا تيل ٺڪاڻن تي حملو ڪندو. هن وچ اوڀر ۾ ويڙهه کي روڪڻ لاءِ مجبوري قدم لاڳو ڪرڻ جي اپيل ڪئي. هن چيو ته يورپي يونين جو هر ملڪ اس??ائيل کي هٿيارن جو وڪرو روڪڻ بابت پنهنجو فيصلو پاڻ ڪندو. اهو ڪو گڏيل فيصلو نه هوندو. هر ملڪ ڪنهن شيءِ جي مناسب هجڻ جو فيصلو ڪند??آه?? ۽ مان ان کي ڪو به ڪم ڪرڻ کان نٿو روڪي سگهان ۽ نه ڪجهه ڪرڻ جي سفارش ڪري سگهان ٿو. اسپين، اٽلي يا فرانس هٿيارن جو وڪرو ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پر ٻين ملڪن جرمني جي مثال وانگر عسڪري امداد کي تقويت ڏئي رهيا آهن، مطلب اتي ڪو به گڏيل لائحه عمل ناهي.
غزه ۽ لبنان ۾ جاري جنگ هڪ وڏي باهه جو سبب بڻجندي: يورپي يونين
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II