غزه – 14 مارچ (اي پي پي) غزه جي ڏکڻ واري علائقي رفح ۾ فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي ??داري جي ??ذائي امداد جي فراهمي واري مرڪز تي اسرائيلي فوج جي ??ملي ۾ عملي جو هڪ ڪارڪن مارجي ۽ 22 ٻيا زخمي ٿي پيا. بي بي سي مطابق يو اين آر ڊبليو اي جي ??ربراهه فلپ لازاريني چيو آهي ته اداري جي ٺڪاڻن تي اسرائيلي حملا معمول بڻجي چڪا آهن هن چيو ته اهي حملا بين الاقوامي انساني قانون جي ڀڃڪڙي آهن. غزه ۾ صحت واري وزارت جي ??ختيارين چيو آهي ته يو اين آر ڊبليو اي جي مرڪز تي اسرائيلي فضائي حملي ۾ پنج ڄڻا مارجي ويا. يو اين آر ڊبليو اي جي ??رجمان جوليٽ ٽوما ٻڌايو ته خيال ڪيو پيو وڃي ته 60 ماڻهو ان مرڪز ۾ ڪم ڪري رهيا هئا، جيڪو خوراڪ ۽ ٻئي ضروري سامان جي گودام طور پڻ استعمال ڪيو ويندو آهي.
مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena