الجزائر -26 فيبروري (اي پي پي ) الجزائر جي صدر عبدال??جي?? تبون دنيا جي ٽئين ۽ آفريقا جي سڀ کان وڏي مسجد جو باضابطه افتتاح ڪيو آهي . اردو نيوز موجب اها مسجد 70 ايڪڙن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ هڪ لک 20 هزار نمازين جي گنجائش آهي. ان کي پهريون ڀيرو آڪٽوبر 2020 ۾ نماز لاءِ کوليو ويو هيو هن وقت ان جي افتتاحي تقريب ۾ صدر عبدال??جي?? تبون ڪورونا سبب شريڪ نه ٿي سگهيو هيومسجد ۾ دنيا جو بلند ترين مينار به آهي جنهن جي اوچائي 267 ميٽر آهي مينار ۾ لفٽس ۽ ڏسڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم نصب آهي جتان گاد?? واري هنڌ خليج جو نظارو ڪري سگهجي ٿو مسجد جي اندروني حصي کي اندلس جي انداز ۾ ڪاٺي سنگ مرر ۽ ٻين قيمتي شين سان س??اي?? ويو آهي ان ميگا پروجيڪٽ جي لاڳت 800 ملين ڊالر کان به وڌيڪ آهي ان جي تعير ۾ 7 سال جو ع??صو لڳو آهي .
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ