واشنگٽن-25 جنوري (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان چيو آهي ته پاڪستان آمريڪي سيڙپڪارن لاءِ سڀني کان وڌيڪ پُرڪشش ۽ منافعي بخش هنڌ آهي ان لاءِ آمريڪي سيڙپڪار پاڪستان ۾ بهتر ڪاروبا??ي ماحول مان فائدو کڻن. پاڪستاني ??فارتخاني ??رفان جاري پريس رليز موجب هن پاڪستاني چيمبر آف ڪامرس يو ايس اي جي صدر عامر پپراڻي ۽ سندس ٽيم سان هڪ ورچوئل م??اقات دوران چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) پاڪستان ۽ خطي جي وڏي مارڪيٽ مان فائدو کڻڻ لاءِ سيڙپڪارن کي ??ر ممڪن سهولت ۽ ون ونڊو حل فراهم ڪندي. ان موقعي تي هيوسٽن ۾ پاڪستان جو قونصل جنرل آفتاب احمد چوڌري به موجود هو. پاڪستاني ??فير چيو ته آءِ ٽي، توانائي، زراعت ۽ معدنيات اسان جا ترجيحي شعبا آهن، پر اسان پنهنجي مع??شت جي سمورن شعبن ۾ سيڙپڪاري جي سهولت فراهم ڪنداسين. هن چيو ته ايس آءِ ايف سي جو قيام ان ڳالهه کي ??قيني ??ڻائڻ لاءِ ڪيو ويو آهي ته پرڏيهي سيڙپڪار، خاص طور تي پاڪ آمريڪا واپاري برادري، جيڪا پنهنجي ملڪ ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهي ٿي، کي سندن ڪاروبا??ي مقصدن ۾ مناسب طريقي سان سهولت فراهم ڪئي وڃي. عامر پپراڻي پاڪستاني ??فير مسعود خان کي ??ي سي سي- يو ايس اي جي سرگرمين، خاص طور تي پاڪستاني ??زنس ايڪسپو جي باري ۾ ٻڌايو ته آڪٽوبر ۾ ٽيڪساس جي شهر هيوسٽن ۾ منعقد ٿيندي، جنهن ۾ مختلف شعبن ۾ پاڪستاني مصنوعات جي نمائش ڪئي ويندي، جن ۾ راندين ۽ سرجيڪل، آءِ ٽي، خوبصورتي ۽ صحت، خوراڪ ۽ مشروبات، تيل ۽ گئس، گهريلو استعمال جون شيون ۽ ٽيڪسٽائيل ۽ پاڪستاني ??يور شامل آهن، پاڪستاني ??فير نمائش منعقد ڪرڻ ۾ سفارتخاني ۽ پاڪستاني قونصليٽ طرفان هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.
پاڪستان آمريڪي سيڙپڪارن لاءِ پُرڪشش ۽ منافعي بخش هنڌ آهي: پاڪستاني سفير مسعود خان
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا