بيجنگ- 17 مارچ (اي پي پي) چيني صدر شي جن پنگ 20 مارچ تي روس جو 3 ڏينهن جو د??رو ڪندو. چيني خابرو اداري مطابق چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان هوا چونينگ ٽوئيٽ ۾ ٻُڌايو ته روسي صدر ولادي ميرپيوٽن جي دعوت تي چيني صدر 20 کان 22 مارچ تائين روس جو سرڪاري دؤرو ڪندو. چيني صدر جو د??رو روس دوستي تعاون ۽ امن جو ٽرپ هوندو. هن چيو ته چين ۽ روس ڪنهن به ٽڪراءَ، اتحاد ۽ ڪنهن ٽين ڌُر کي نشانو بڻائڻ کان بنا بين الاقوامي لاڳاپن ۾ جمهوريت کي هٿي ڏئي رهيا آهن. ٻئي طرف روسي حڪومت چيو ته چيني صدر جي روس واري دؤري دوران روس ۽ چين وچ ۾ جامع شراڪتداري جي لاڳاپن ۽ اسٽريٽج?? تعاون کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. ڪريملن مطابق ملاقات دوران بين الاقوامي معاملن تي روس ۽ چين تعاون کي وسعت ڏيڻ تي پڻ ڳالهيون ٿينديون ۽ ڪيترن ئي اهم ٻ?? طرفن دستاويزن تي صحيحون پڻ متوقع آهن.
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت